رہبر معظم انقلاب اسلامي جو بيت الله الحرام جي زائرين لاءِ پيغام – 2024

هن سال، برائت جو مسئلو ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نمايان آهي. غزه جا سانحات، جيڪي اسان جي ھن همعصر تاريخ ۾ بي مثال آهن، ۽ بي رحم صهيوني حڪومت جي غرور ۽ ظلم ۽ بربريت جي مجسمي ۽ يقيناً جيڪا پنھنجي زوال جي طرف وڃي رھي آھي، ڪنهن به فرد، جماعت، حڪومت، فرقي يا ڪنھن مسلمان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي رواداري جي گنجائش نه ڇڏي آهي. هن سال برائت جي اھا رسم حج جي موسم ۽ ميقات کان پوءِ سڄي دنيا جي مسلمان آبادي وارن ملڪن ۽ شهرن ۾ جاري رهڻ گهرجي ۽ حاجن کان گڏ ھر عام ماڻهو تائين ان کي ڦهلائڻ گهرجي.

حسینی نیوز:

رہبر معظم انقلاب اسلامي جو بيت الله الحرام جي زائرين لاءِ پيغام – 2024

بسم اللھ الرحمن الرحيم
و الحمد للّه ربّ العالمین و الصّلاة و السّلام علی خیر البریّة سیّدنا محمّدٍ المصطفی و آله الطّیّبین و صحبه المنتجبین و من تبعهم باحسان الی یوم الدّین.

دل کي موهيندڙ ابراھيمي ٻول، جيڪو خدا جي حڪم سان حج جي موسم ۾ سڀني ماڻهن کي ڪعبي ڏانهن سڏي ٿو، هن سال به هن توحيد ۽ اتحاد جي بنياد سڄي دنيا جي ڪيترن ئي مسلمانن جي دلين کي پنهنجي طرف متوجه ڪيو. هن مختلف ماڻهن جي ھڪ شاندار ۽ متنوع ميڙ کي وجود ۾ اندو آھي ۽ اسلام جي انساني وسيلن جي وسعت ۽ ان جي روحاني قوت کي پنھجن ۽ ٻين جي سامهون واضح ڪيو آهي.

حج جي وڏي اجتماع ۽ پيچيده رسمن کي، جڏهن به غور سان ڏٺو وڃي ٿو ته مسلمان لاءِ طاقت ۽ اعتماد جو سرچشمو آهي، ۽ دشمن ۽ بدخواهن لاءِ خوف ۽ ھيبت جو سبب آھي.

اسلامي امت جا دشمن ۽ بدخواه جيڪڏهن حج جي فريضه جي انهن ٻن پهلوئن کي تباهه ۽ مشڪوڪ بڻائين، يا مذهبي ۽ سياسي اختلافن کي اجاگر ڪرڻ ڪوشش ڪن، يا مقدس ۽ روحاني پهلوئن کي گهٽ ڪن ته تعجب جي ڳالهه ناهي.

قرآن مجيد حج کي بندگي، ذڪر ۽ تواضع جو مظهر، انسانن جي برابري جو مظهر، انساني مادي ۽ روحاني زندگيءَ جي تنظيم جو مظهر، نعمت ۽ هدايت جو مظهر ۽ اخلاقي امن جي مظهر طور متعارف ڪرايو آهي. ۽ ڀائرن جي وچ ۾ عملي سمجهوتو، ۽ دشمنن جي خلاف نفرت ۽ طاقتور محاذ جي طور بيان ڪري ٿو.

حج سان لاڳاپيل آيتن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ ان منفرد فرض جي عملن ۽ رسمن تي غور ڪرڻ سان اسان کي حج جي پيچيدگيءَ ۾ اهڙن ئي رازن کي ظاهر ڪري ٿو.

توهان، حاجي ڀاءُ ۽ ڀيڻ، هاڻي انهن سچن ۽ پرفيض علمن تي عمل ڪرڻ جي ميدان ۾ آهيو. پنهنجي سوچ ۽ عمل کي ان جي ويجھو آڻيو، ۽ انهن عظيم تصورن سان مليل سڃاڻپ کي واپس پنھنجي گھر آڻيو. هي توهان جي حج جي سفر جي قيمتي ۽ حقيقي سوکڙي آهي.

هن سال، برائت جو مسئلو ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نمايان آهي. غزه جا سانحات، جيڪي اسان جي ھن همعصر تاريخ ۾ بي مثال آهن، ۽ بي رحم صهيوني حڪومت جي غرور ۽ ظلم ۽ بربريت جي مجسمي ۽ يقيناً جيڪا پنھنجي زوال جي طرف وڃي رھي آھي، ڪنهن به فرد، جماعت، حڪومت، فرقي يا ڪنھن مسلمان جي لاءِ ڪنهن به قسم جي رواداري جي گنجائش نه ڇڏي آهي. هن سال برائت جي اھا رسم حج جي موسم ۽ ميقات کان پوءِ سڄي دنيا جي مسلمان آبادي وارن ملڪن ۽ شهرن ۾ جاري رهڻ گهرجي ۽ حاجن کان گڏ ھر عام ماڻهو تائين ان کي ڦهلائڻ گهرجي.

ان برائت کي صهيوني حڪومت ۽ ان جي حامي خاص ڪري آمريڪا جي حڪومت جي خلاف پنھنجي قول ۽ فعل ۾ سڀ اقوام عالم ۽ حڪومتن کي پاڻ ظاهر ڪرڻ گهرجي ۽ قاتلن لاءِ ميدان تنگ ڪرڻ گهرجي.

فلسطين جي مضبوط مزاحمت ۽ غزه جي مظلوم ۽ صابر عوام، جن جي صبر ۽ مزاحمت جي عظمت کي دنيا ساراهيو آهي، انهن جي هر طرح سان حمايت ڪئي وڃي.

مان خدا کان دعا گهران ٿو ته انهن کي مڪمل ۽ جلد فتح نصيب ٿئي، ۽ مان توهان محترم حجاج لاءِ جي حج جي قبوليت لاءِ دعاگو آھيان.

حضرت بقيع اللھ (روحي فداه) جي مقبول دعا اوهان جي پٺڀرائي ڪري.

والسّلام‌ عليکم‌ ورحمة‌ اللّه

سيد علي خامنه‌ اي
4 ذی‌الحجّة 1445
11 جون 2024

……………………
101

 

لینک کوتاه